اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) عم??ان احمد صديقي سان ٿائيلينڊ جي 8 رڪني وفد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت مذهبي معاملن جو ڊائريڪٽ?? جنرل چياپون سڪ ليم ڪري رهيو هو، وفد ۾ انيل ساڪيا پڻ شامل هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٿائيلينڊ جي وفد سان ڳالهه ٻو??هه ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ٻڌمت جي گڏيل ورثي سان ڳنڍيل گهري ثقاتي تعلق ت?? ڌيان ڏنو ويو. ڌرين گڏيل ثقافتي ۽ آرٽ جي منصوبن ۽ پنهنجي گڏيل ورثي جي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو.