اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن ۽ دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير و??يراعظم کي بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ گ??ريل ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد حملا بزدلاڻيون ڪارروايون هيون جن جو ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ??ن دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.