اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ شينزن ۾ هواوي هيڊڪوارٽر جي پنهنجي دوري دوران آئون ان جديد ترين ٽيڪنالاجيز ک??ن متاثر ٿيس جيڪا دنيا ۽ اسان جي رهڻ جي انداز کي بدلائي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هواوي جي هيڊڪوارٽر جي دوري دوران ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته هواوي ۽ پاڪستان ڪهڙي طرح گڏجي هڪ بهتر، ڊيجيٽل مستقبل ج?? تعمير جي لاءِ تعاون ڪ??ي سگهن ٿا. هن چيو ته دوري دوران پاڪستان جي لاءِ هڪ اختراعي، جامع ۽ پائيدار ڊيجيٽل تبديلي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجا??ُ ڪيو ويو.