اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي ??ي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪن??ي چيو آهي ته قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي ف??ري نشاندهي ۽ سزا يقيني بڻا??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم حملي ۾ اسڪول جي تباهه ٿيل حصي کي ف??ري طور ت سرڪاري خرچ تي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڇوڪرين جي تعليم کي روڪڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان باصلاحيت ڌيئرن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ انهن کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور سگهه سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون.