اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهراهه قراقرم تي چلاس ويجهو پريشو کل داس وٽ بس کي پيش آيل حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ا??سوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان ت??زيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي ا??داد فراهم ڪرڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي.