رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پ??ڏيهي وزير داتوسيري اتاما حاجي محمد بن حاجي حسن سان عالمي تعاون، ترقي ۽ توانائي جي فروغ جي لاءِ خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ورلڊ اڪنامڪ فورم جو اجلاس 28 ۽ 29 اپريل تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ٿي رهيو آهي. پر??يهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ وسيع تر لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جي اڳئين دور جو اجلاس هلندڙ سال دوران اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ڌريون مارڪيٽن جو جائزو وٺنديون ۽ ٺوس اقتصادي نتيجن جي لاءِ مختلف شعبن ۾ پيش ڪيل موقعن مان ڀرپور فائدو کڻنديون. بيان موجب باقاعدگي سان اعليٰ سطح?? رابطا ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏين ٿا. ان پس منطر ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير ملائيشيا جي پ??ڏيهي وزير کي پ??ڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. غزه ۾ جاري انساني بحر??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي ڌرين فوري طور تي گهيراءُ جي خاتمي ۽ فلسطينين کي فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو پرامن ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فريم ورڪ جي اندر ويجهي تعاون جي پڻ ضرورت آهي.