مڪه المڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪ??ري پئڪيج جي پهرين مرحلي کي جل?? پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ باضابطا ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو ج??ري ڪيو ويو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف الصفا پيلس مڪه المڪرمه ۾ هڪ باضابطا ملاقات ڪئي. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي اڻٿڪ حمايت ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو محور ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ تي هو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ سعودي عرب جي تعاون کي ساراهيو ويو ۽ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ڪاروب??ري ۽ سيڙپڪ??ري جي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ 5 بلين ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪ??ري پئڪيج جي پهرين فيز کي جل?? کان جل?? پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي روڪڻ، انساني جاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي ته جيئن هو پنهنجي غيرقانوني قدمن کان پاس?? ڪري ۽ عالمي قانونن جي پاسد??ري ڪري. ٻنهي اڳواڻن غزه تائين بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي پهچ جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ عرب امن قدمن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي، جي قيام جي لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ ٺوس حل ڳولڻ آهي. ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد کي جل?? کان جل?? پاڪستان جو سرڪ??ري دور?? ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي ولي عهد قبول ڪري ورتو.