اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال ناصر ??ان کي ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته الحمدالله! اڄ سينيٽ ۾ به جمهوري عمل مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ پاڪستاني عوام جي اعتماد جو عڪاس آهي. هن چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال ناصر ??ان تجربيڪار سياستدان آهن. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته وفاق جي اڪائين جي مضبوط ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو اهم ڪردار آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال ناصر ??ان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندا رهندا.