اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) حڪومت سازيءَ لاءِ (ن) ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن تي ٻَڌل ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن م??عق?? ٿيو. (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب مطابق پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان سينيٽر اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، سينيٽر ??عظ?? نذير تا??ڙ ۽ ملڪ محمد احمد خان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته پ پ جي نمائندگي سيد مراد علي شاهه، قمر الزمان ڪائر??، سعيد غني ۽ ٻين ڪئي. ڪميٽي اتفاق ڪيو ته جلد کان جلد حڪومت سازي جي عمل کي مڪمل ڪيو ??ڃي. ڪميٽي جون مشاورت سان جوڙيل تجويزون اڳواڻن کي پيش ڪيون وينديون. ڪميٽيءَ جي سفارشن جي روشني ۾ قيادت حتمي فيصلو ڪندي.