اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته اسان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي جارحيت ۽ رفح شهر تي انڌاڌنڌ حملن ۾ شدت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ بابت بيان جي توثيق ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسلامي تعاون تنظيم اسرائيلي جارحيت جي رفتار ۾ توسيع ۽ اضافي تي خطري جي ??هنٽي وڄائيندي فلسطيني عوام کي ??نهن کي پنهنجي سرزمين تي زبر??ست?? بي گهر ڪرڻ جي ناقابل قبول ڪوششن جي خلاف خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته رفح ۾ 14 لک بي گهر ماڻهن جي خلاف اسرائيل جو بي رحماڻو حملو انصاف جي عالمي عدالت جي عبوري حڪم ۾ بيان ڪيل عارضي قدمن جي واضح خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪري ٿ?? ته هو گڏيل قومن جي ??ارٽر تحت پنهنجي ذميواري پوري ڪري ۽ جنگبندي لاڳو ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام جي قتل عام کي ??ند ڪرڻ جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. هن چيو ته اسان ڪجهه ملڪن پاران گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪ ايجنسي جي فنڊن کي معطل ڪرڻ جي فيصلي کي فوري طور تي وا??س وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته وڌيڪ فوتگيون ۽ ڏڪار کان متاثر ٿيڻ ۽ مناسب طبي امداد جي عدم ??ست??ابي کي ??وڪڻ جي لاءِ غزه جو گهيراءُ ختم ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه جي ??هيري هيٺ عوام جي پنهنجي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي، سياسي ۽ انساني حمايت ۾ پرعزم آهي.