اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان جعلي هدايتنامو ڦهلائڻ کانپوءِ هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پ??و وڃي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيئن جيئن اسان چونڊن جي ويجهو وڃي رهيا آهيون، اهڙي طرح جا حربا وڌي رهيا آهن، اڄ نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان هڪ جعلي هدايتنامو ٺاه??و ويو ۽ ان کي ڦهلا??و ويو، هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پ??و وڃي. هن چيو ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل پڌرائي پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ چ??و ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي ۽ تصوير سان جعلي ??اٽ?? ايپ اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عوام کي گذارش آهي ته اها چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي ۽ تصوير سان ٺاهيل انهن جعلي ??اٽ?? ايپ اڪائونٽس ۽ انهن جي ذريعي ڦهلايل جعلي پيغامن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کان هوشيار رهندي ا?? کي نظرانداز ڪري.