اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاء?? ڪميشن هلندڙ مهي??ي ڀارت جي هندو ياترين کي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي دوري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ سالياني ??قر??بن ۾ شرڪت جي لاءِ 166 ويزا جاري ڪ??ا آهن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ مهيني بابا گرو نانڪ جي 544 هين جنم ڏينهن جي ??قر??بن جي موقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياترين کي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان اچڻ جي لاءِ ويزا پڻ جاري ڪيا. ترجمان چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي دورن بابت پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان هزارين سک ياترين کي پاڪستان ۾ آجيان ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ پاڪستان جي مذهبي جاين جي دورن کي آسان بڻائڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي عزم موجب آهي. ترجمان چيو ته هن سال پاڪستان ايندڙ ڀارتي زائرين کي 6824 ويزا جاري ڪيا ويا.