اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هاڪي فيڊر??شن جي اڳوڻي صدر جو معاملو عدالت اڪلائي ڇڏيو آهي، پي ايڇ ايف جي نئين چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اميد آهي ته جلد چونڊون ڪرايون وينديون. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته هاڪي فيڊر??شن جو صدر چار سالن جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، برگيڊيئر (ر) محمد خالد سجاد کوکر قانون موجب ٻه ڀيرا ??ي صدر بڻجي سگهيو پئي، ان جا اهي ٻئي دور مڪمل ٿي چڪا آهن، ان لاءِ حڪومت کيس عهدي تان هٽايو ته هن عدالت سان رجوع ڪيو ته عدالت به ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي ??هي، حڪومت هاڪي فيڊر??شن جي ٻيهر چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ??هي.