اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير ن??اف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي مي??با??ي ڪرڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيو. هن عرب ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن جي ڪردار کي ساراهيو. هن غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ بيگناهه فلسطينين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ پاڪست??ن جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.