اسلام آباد-15 نومبر(اي پي پي) ناڻي، محصولات ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪم??ٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪم??ٽي جي سمورن ميمبرن سان گڏ ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪم??ٽي گذريل گڏجاڻي جي هدايتن موجب رياستي ملڪيتي انٽر پرائيزز(ملڪيت ۽ انتظام) پاليسي 2023ع، ڪم??ٽي جي ميمبرن کان مليل تاثرن کي شامل ڪرڻ بعد جائزي لاءِ ٻيهر ڪم??ٽي وٽ جمع ڪرائي. ڪم??ٽي جي مسودي ۾ شامل تبديلين جو جائزو ورتو ?? ڪابينا جي منظوري لاءِ نظرثاني ٿيل پاليسي جي سفارش ڪئي. هي پاليسي رياستي ملڪيت واري ڪاروباري ادارن (گورننس اينڊ آپريشنز) ايڪٽ 2023ع ۾ بيان ڪيل وسيع تر مقصدن موجب رياستي ملڪيت وارن ادارن جي ح??مر??ني ۽ آپريشنز کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم جي نشاندهي ڪري ٿي.