اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وزير نورالدين عزيزي واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت واپار ۽ صنعت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائن جي ذريعي واپاري لاڳاپن جو فروغ رهيو. تر??مان چيو ته واپار واري نگان وفاقي وزير گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ملڪ?? ۾ ??قتصادي ترقي کي فروغ ڏين??و. ??زبڪستان جي نائب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپار ۽ صنعت واري وزير، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري وزير، مواصلات ۽ ريلويز واري وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزير ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. تر??مان چيو ته افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وقتي وزير دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگران پرڏيهي وزير افغانستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي انضمام جي لاءِ واپار ۽ رابط?? ۾ ??ضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. تر??مان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي و?? ۾ ??علق تي زور ڏيندي نگران پرڏيهي وزير افغانستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان تعاون جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو پڻ اظهار ڪيو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.