قاهره-27 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي گادي واري هنڌ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جمعي ڏ??نه?? ڪشمير جو ڪارو ڏ??نه?? ملهايو، ان موقعي تي هڪ سيمينار به منعقد ڪيو ويو. سفارتخاني طرفان جمعي ڏ??نه?? جاري ??يان موجب تقريب ۾ مصر جي تعليمي ماهرن، دانشورن، ميڊيا جي نمائندن، سول سوسائٽي، اهم شخصيتن ۽ الازهر يونيورسٽي جي شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا پيغام به پڙهي ٻڌايا ويا.مهما?? مقررن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير هڪ تڪراري ??لائقو آهي، ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ۽ ڪشميري ??وام جي خواهشن ۽ امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. مقررن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڀارتي قابض فوج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري ??هي آهي. مقررن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪنهن به ملڪ کي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي تڪراري ??يثيت کي تبديل ڪرڻ جو حق ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي فوري ??ور تي واپس ورتو وڃي. مقررن ڪشمير جي آزادي پسندن کي سلام پيش ڪيو، تقريب ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام کي درپيش سنگين حالتن تي هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي پاڪستان جي سفير ساجد بلال چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن ڀارتي حڪومت کي ڄمون ڪشمير جي بهادر ماڻهن خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۽ ڏاڍ کي هوا ڏيڻ جي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن غير قانوني قدمن کي واپس وٺي. سفير ساجد بلال ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي پنهنجي اڻٽٽ حمايت ۾ سدائين ثابت قدم رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري ??هندي جيستائين ڀارت جي وحشياڻي قبضي مان لکين ڪشميرين کي آزادي جو خواب سچو نٿو ٿي وڃي.