اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي ل??ءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصل??ح الدين صديقي سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اصل??ح الدين صديقي نگران وزيراعظم کي پنهنجي سوانح عمري ”ڊيش ٿرو مائي ل??ئيف“ پيش ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي موجوده صورتحال، ان جي بحالي ۽ فروغ جي ل??ءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اصل??ح الدين صديقي گذريل رات هاڪي چيمپيئن شپ پڄاڻي واري مئچ ۾ نگران وزيراعظم جي شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. اصل??ح الدين صديقي رانديگرن جي حوصلا افزائي تي نگران وزيراعظم کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني هاڪي ٽيم ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هاڪي جي ميدانن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو ??وش?? ڪيو آهي. قومي راند هاڪي جي پاڪستان ۾ موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏياري رهنداسين. هن چيو ته اصل??ح الدين صديقي جهڙا ليجينڊ پاڪستان جا اصل هيرو آهن، حڪومت نوجوانن ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري ل??ءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.