بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر ??ئي) ترقي ۽ خوشحالي ۽ خطي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي، سي پيڪ بي آر ??ئي جو فليگ شپ منصوبو آهي، پاڪستان ۾ سي پيڪ ۾ ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو، دنيا کي ماحولياتي ت??ديلي، غذائي ت??فظ ۽ وبائن جو چئلينج درپيش آهي، گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن ۾ ئي انسانيت جي ڀلائي آهي. ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ جي اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته بي آر ??ئي فورم ۾ شرڪت تي تمام گهڻي خوشي آهي. بيلٽ اينڊ روڊ جي ت??ور تي صدر شي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بي آر ??ئي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي، بي آر ??ئي ۽ سي پيڪ کي 10 س??ل مڪمل ٿي چڪا آهن. عوامي سطح تي رابطن ۽ معاشي ت??قي کي بي آر ??ئي سان فروغ مليو آهي. هن چيو ته ٺوس رابطنا ئي عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجن ٿا. هن چيو ته چين جي ت??قياتي ماڊلز کان تمام گهڻو متاثر آهيون، دنيا کي ماحولياتي ت??ديلي، غذائي ت??فظ ۽ وبائن جا چئلينج درپيش آهن. ٽرانسپورٽيشن، توانائي ۽ ڊيجيٽل فرق جي خاتمي لاءِ عالمي سيڙپڪاري ضروري آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ پاڪستان ۾ بي آر ??ئي جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ جي شروعات ٿي. سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالر جا 50 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن، سي پيڪ منصوبن سان پاڪستان ۾ 8 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ 10 هزار ميگاواٽ جا منصوبا پڄاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته گوادر م عالمي ايئرپورٽ جلد فعال ٿي ويندو. ٺوس سڌاراجاتي رابطن جي ذريعي زراعت ۽ صنعت ترقي ڪندي. هن چيو ته ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ تي چيني قيادت خراج تحسين جي مستحق آهي. پاڪستان سي پيڪ ۾ ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو.