اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو سڀ کان وڏو منصوبو ايم ايل ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪم ايندڙ مالي سال کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽن م??حلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان موجب ايم ايل ون تي 6.7 ارب ڊالر جي مجموعي لاڳت ايندي جنهن تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي. ي??د رهي ته ان منصوبي تي شروعاتي لاڳت 9 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئي پر هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊالر جي لاڳت سان شروع ٿيندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ايم ايل ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊالر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊالر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊالر هوندي. پهرين م??حلي ?? ايم ايل ون تحت نوابشاهه کان روهڙي، ملتان کان لاهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي مرحلي ?? لاهور کان لالا موسيٰ، ڪيماڙي کان حيدرآب??د ريلوي ٽر??ڪ ??ڏهن ته ٽئين م??حلي ?? حيدرآباد کان ملتان، لالا موسيٰ کان راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. وڌ??ڪ ??هو ته ايم ايل ون تحت راولپنڊي کان پشاور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي پورٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته ايم ايل ون جي مڪمل ٿيڻ سان 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هلنديون. واضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن م??ن م??مئن آهي ۽ تازو ئي ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ۽ وڌ??ڪ ??مداد جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي.