اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته پاڪستان آسٽر??لي?? سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ آسٽر??لي?? جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جو پرجوش استقبال ڪيو. هن چيو ته آسٽر??لي?? پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ ??ڪ ٻئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آسٽر??لي?? سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ اهم ٻه طرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسٽر??لي?? وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ويو.