اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ??ه آئين جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط ۾ ??يو آهي ??ه صدر 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي تحليل ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صدر جو اختيار آهي ??ه قومي اسيمبلي جون عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ، تحليل جي تاريخ کان 90 ڏينهن جي اندر جي تاريخ مقرر ڪري. هن ??يو ته آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. صدر ??يو ته آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي لاءِ گهرايو ويو ته جيئن آئين ۽ ان ??ي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو جوڙي سگهجي، چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته آئين جي اسڪيم ۽ فريم ورڪ موجب اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. صدر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ ??يو آهي ??ه آگسٽ ۾ آدمشماري جي اشاعت کانپوءِ تڪبندين جو عمل پڻ جاري آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 تحت اها هڪ لازمي شرط آهي. هن ??يو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙي راءِ رکي ٿي، چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ??ه چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته وفاق کي مضبوط بڻائڻ، صوبن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي جي فروغ ۽ غيرضروري خرچن کان بچڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي. صدر ??يو ته اليڪشن ڪميشن ذميوار آهي ??ه اها آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 51، 218، 219، 220 ۽ اليڪشنز ايڪٽ 2017ع تحت طئي ٿيل سمورن آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري. صدر ??يو ته سمورن نقطن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن آئين جي لاڳاپيل شقن تحت صوبائي حڪومتن ۽ سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته ڪجهه معاملا اڳ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري.