??سل??م آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مي??يا ورڪرز ۽ صحافي برادري کي پاڪستان اليڪٽرانڪ مي??يا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي لاءِ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه پاڪستان في??رل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪس مي??يا ايڊيٽرز اينڊ ??يوز ڊائريڪٽرز (ايمنڊ) جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ افضل بٽ، ارشد انصاري، ناز آفرين سهگل، سرمد علي، شهاب زبيري، شڪيل مسعود، اعجازالحق، ڪاظم خان، اياز خان ۽ اظهر عباس شامل هئا. صدر مي??يا ورڪرز جي حقن جي تحفظ، پيمرا قانون ۾ ترميمون متعارف ڪرائڻ تي مي??يا برادري جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سرڪاري اشتهارن کي اليڪٽرانڪ ميديا ملازمن جي رهتن جي ادائيگي سان ڳنڍڻ سان انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. صدر وفد سان قانونسازي جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ترميمي بل موجوده مي??يا قانون ۾ بهتري آندي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مي??يا رضاڪاراڻي طور تي نوجوانن کي في?? نيوز، ڊس انفارميشن بابت آگاهه ڪري، نوجوان في?? نيوز سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ٻارن کي خاص طور تي في?? نيوز جي اثرن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته مي??يا خاص طور تي سينيئر صحافي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين سان رابطا وڌائين، سينيئر صحافي صحافت جي ميدان ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائين بابت شاگردن کي آگاهه ڪن. صدر معاشري ۾ مڪالمي ۽ خيالن جي آزاداڻي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميديا جي نئين شڪلين خاص طور تي سوشل مي??يا جي حرڪيات کي سمجهڻ گهرجي، مي??يا جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي اخلاقيات، سوشل مي??يا جي ذميواراڻي ۽ تعميري استعمال بابت ٻڌائي. وفد صدر کي نئين بل جي مختلف شقن بابت ٻڌايو. هن چيو ته ترميمي بل سان صحافي براد??ي سان گڏوگڏ مي??يا ملازمن کي فائدو ٿيندو. وفد صدر پاران حمايت، مي??يا ڪميونٽي کي درپيش مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا.