اسلام آباد-26 جولاءِ (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ترميمي بل 2023ع جي ڪجهه ترميمن سان منظوري ڏني وئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي قومي اس??مبليءَ مان منظور ڪيل ۽ سينيٽ مان 90 ڏينهن اندر منظور نه ڪيو ويو، چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪرڻ جو بل فوري طور غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي منظوريءَ کانپوءِ ان تي بحث ڪرايو ويو، قانون واري وفاقي وزير بل جي حوالي سان ٻُڌايو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽيءَ ۾ چونڊ قانون 2017ع ۾ سڀني ترميمن تي اتفاق راءِ هئي، جڏهن ته هڪ شق 230 تي اتفاق نه هو، ميڊيا تي چيو ويو ته اها شق گذريل ڏينهن ڪئي وئي، اها شق جمعي ڏينهن ميمبرن کي واٽس ايپ ذريعي تقسيم ڪئي وئي. ڪميٽيءَ جي چيئرمين اڄ سڀني ميمبرن کي طلب ڪيو، ان شق جو ٻيهر جائزو ورتو ويو. ڪجهه ش??ون ان مان ڪڍ??ون و??ون آهن، ان شق کي هاڻي آسان بڻايو ويو آهي. اسان ايندڙ چونڊن کي صاف ۽ شفاف بنائڻ چاه??ون ٿا ته جيئن قانون ۾ ابهام جو فائدو کڻندي چونڊ عمل يا نتيجن تي ڪوبه اثرانداز نه ٿي سگهي. وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو ته ڪميٽي بل ۾ ترميمن جي ڪثرت راءِ سان منظوري ڏني آهي. ايش??ائ?? ترقياتي بئنڪ طرفان نگران دؤر ۾ معاهدي جي حوالي سان ان جا خدشا سامهون آيا آهن، ڇاڪاڻ ته جن منصوبن تي ڪم شروع ٿي وڃي ته ان ۾ نگران دؤر جي دير سان ڪانٽريڪٽر ڊي موبلائز ٿي ويندا آهن، نگران حڪومت کي گهڻ رُخي ۽ ٻه طرفن معاهدن تائين محدود ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سيڙپڪارن وٽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سڄي دنيا آهي، نيلاميءَ جي اختيار کان پوءِ ان ۾ دير سان سيڙپڪار هليا ويندا آهن. سينيٽر رضا رباني چيو ته بل جي ٻين شقن تي ڪوبه اعتراض ناهي. سيڪشن 230 جي ميمبرن مخالفت ڪئي هئي، قانون واري وزير جو شڪرگذار آهيان ته ايوان جي ڊسڪشن کي نظر ۾ رکيو، اهوئي ان پارليامينٽ جو حسن آهي. منظور ڪاڪڙ چيو ته سڌارن واري ڪميٽيءَ جي چيئرمين شائستگي سان اجلاس هلايا، قانونن ۾ بهتري آندي آهي، هر نُڪتي تي تفصيلي بحث ٿيو. بلوچستان عوامي پارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، سٺ??ون ترميمون ٿ??ون آهن، ملڪ کي ڊيفالٽ مان ڪڍڻ تي اسان سڀني پارٽين کي مبارڪباد پيش ڪر??ون ٿا. طاهر بزنجو چيو ته ضرورت جي نظريي کي گهڻو وقت گذرڻ باوجود موت ناهي ايندو، نگران حڪومت جو ڪم صاف ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ آهي، وڏا فيصلا چونڊيل حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي، سياسي استحڪام لاءِ مضبوط حڪومت ئي آءِ ايم ايف جون شرطون پور??ون ڪري سگهندي. پي ٽي آءِ جي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر چيو ته سڌارن واري ڪميٽي جي چيئرمين سٺي طريقي سان ڪارروائي هلائي، ڪجهه ترميمون ڪميٽي پاڻ ئي واپس ورت??ون آهن، ڪجهه ترميمن ان بل کي وڌيڪ بهتر بنايو آهي. سينيٽر ثانيه نشتر چيو ته سيڪشن 230 جي هيٺين شق 3 تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران حڪومت 2 يا 3 مهينن لاءِ هوندي آهي. اس??يڪر چيو ته ترميمي بل تي ٻنهي پاسن طرفان راءِ اچي چڪي آهي، ايوان حڪومتي ترميمن جي منظوري ڏني، جڏهن ته مخالف ڌر جي ترميمن کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪجهه ترميمون منظور به ڪ??ون ويون. شق وار منظوري کانپوءِ قانون واري وفاقي وزير بل ايوان ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل جي منظوريءَ سان پرزائيڊنگ آفيسر نتيجا فوري اليڪشن ڪميشن ۽ رٽ??ننگ آفيسر کي موڪلڻ جو پابند هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر فارم 45 جي تصوير ٺاهي اليڪشن ڪميشن کي موڪلي، انٽرنيٽ بند هجڻ تي پرزائيڊنگ آفيسر اصل نتيجو پاڻ پهچائڻ جو پابند هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر اليڪشن جي رات 2 وڳي تائين نتيجا ڏيڻ جو پابند هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر کي دير جي صورت ۾ ٺوس سبب ڄاڻائيندو. پرزائيڊنگ آفيسر وٽ نتيجن لاءِ ايندڙ ڏينهن صبح 10 وڳي جي ڊيٽ لائن هوندي، ان ۾ ناڪاميءَ تي ان جي خلاف فوجداري ڪيس هلندا. ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ جو فيصلو 15 بجاءِ 7 ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. نئين قانون تحت چونڊ ترميمي بل 2020ع جي شق 10 ۾ تڪبند??ون آباديءَ بجاءِ هڪ جهڙي ووٽ جي بنياد تي ڪرڻ جي ترميم تجويز ڏني وئي هئي، ان کي ختم ڪيو ويو. تڪن ۾ ووٽرن جي انگ ۾ فرق 5 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندو، جڏهن ته جتي ضروري هجي ته اتي 10 تائين ڪرڻ جي اجازت هجي. پولنگ واري ڏينهن کان 5 ڏينهن اڳ پولنگ اس??يشن تبديل نه ڪري سگهبي، چونڊ خرچن لاءِ پهريان کان استعمال هيٺ بينڪ اڪائونٽس به استعمال ڪري سگهبا جڏهن ته ان سان هڪ حلف نامو ڏيڻو پوندو. سيڪيورٽي اهلڪار پولنگ اس??يشن ٻ??هر ڊيوٽي ڪندا، هنگامي صورتحال تي پرزائيڊنگ آفيسر جي اجازت سان اندر اچي سگهندا. پوسٽل بيلٽ کي شفاف بنائڻ لاءِ ڪنهن تڪ ۾ ڪيترا ووٽ جاري ڪيا ويا ان جا تفصيل ويب سائيٽ تي ۽ پولنگ واري ڏينهن ان بابت آگاهه ڪيو ويندو. قومي اس??مبلي 5 سڪڙو يا 8 هزار ووٽ، صوبائي اس??مبلي 4 هزار ووٽ جي فرق تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي سگهبي. اليڪشن ٽربيونل مان رٽ??ئرڊ ججن کي ڪڍيو ويو. صرف حاضر سروس جج ئي اهي خدمتون سرانجام ڏيندا. چونڊ عذردار??ون اڪلائڻ لاءِ 6 مهينن جو وقت ڏنو ويو آحي ان کانپوءِ هر پيشي تي ڏنڊ هوندو. 6 مهينن کانپوءِ منع نامو خارج ٿي ويندو. پرزائيڊنگ آفيسر يا عملي سبب جيڪڏهن چونڊ عمل ۾ دير ٿئي ته ان جي خلاف فوجداري ڪارروائي ٿيندي. چونڊ ۾ لسانيت، صنف سبب روڪڻ ڏوهه آهي. ٽرانس جيندر کي حق حاصل آهن. قانون ۽ انصاف واري وزير چيو ته شق 230 جي هيٺين شق 2 ۽ 3 ٻه ترميمون تجويز ڪ??ون و??ون هيون. آئيني دائره ڪار ۾ رهندي سيڪشن ون ۽ ٽو ۾ معاشي بحران مان نڪرندي ڪجهه منصوبن تي عمل ٿيڻو آهي ڪجهه ٻه طرفا معاهده آهن. عالمي بينڪ سان ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو معاهدو سيپٽمبر ۾ متوقع آهي. نگران حڪومت کي ڪي به اختيار نه پيا ڏنا وڃن پر انهن کي روزمره معاملا هلائڻ لاءِ ڪجهه اختيار واضح ڪيا ويا آهن. سياسي حڪومت ۾ ڪابينا ۾ جيڪي منظور??ون ٿ??ون آهن انهن ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ لاءِ ڪجهه ترميمون ڪ??ون و??ون آهن. مشتاق احمد چيو ته ان کي جواز بنائي نگران حڪومت کي توسيع ڏئي سگهجي ٿي. اياز صادق چيو ته ورلڊ بينڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ سيپٽمبر ۾ بورڊ ميٽنگ ٿيڻي آهي. جنهن تحت نرم شرطن تي قرض فراهم ڪرڻا آهن. ان سان چونڊن ۾ دير نه ٿيندي. اهي ڳاله??ون بي جواز آهن. نگران حڪومت کي شروع ڪيل منصوبن، ٻه طرفي يا گهڻ رخي منصوبن جو اختيار هوندو. سيپٽمبر ۾ عالمي بينڪ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ نرم شرطن تي قرض جو معاهدو ڪرڻ جو اختيار نگران حڪومت کي ڏيڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي. ان بل تحت بورڊ يا اعزازي خدمتون ڏيندڙ ماڻهو چونڊن ۾ انٽرا پارٽي چونڊ نه ڪرائڻ تي پارٽي کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک روپيه ۽ وڌ کان وڌ 2 لک روپيه ڏنڊ هوندو.