اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ زراعت ۽ غذائي تحفظ تي قومي سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ??ند??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ??ند??. سيمينار ۾ ناڻي، دفاع، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، اطلاعات ۽ نشريات وارا وزير، سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهر ۽ اعليٰ عسڪري ??ملدار پڻ شرڪت ڪندا. گرين پاڪستان قدمن تحت سمورين ڌرين زرعي شعبي جي پائيدار ترقي ۽ ان جي معاشي فائدن مان فائدو کڻي سگهندا. سيمينار ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، لائيو اسٽاڪ ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري ??ي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. زرعي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد زرعي مشينري، ٻج، ڀاڻ، مائيڪرو نيوٽريئنٽس ۽ پيسٽي سائيڊز جي استعمال تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سيمينار کي خطاب پڻ ??ند?? ۽ جديد زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ??ي نمائش جو دورو پڻ ??ند??.