اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر را??ا پرويز اشرف چيو آهي ته اسان جي عورتن جون صلاحيتون دنيا ۾ ڪنهن کان ??هٽ ناهن، عورتن کي سڀني شعبن ۾ نمائندگي ڏئي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي گامزن ڪري سگهجي ٿو. عورتن جي منشور جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ??ان??رنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي را??ا پرويز اشرف چيو ته منهنجي لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان اڄ عورت ڪاڪس جي تقريب ۾ موجود آهيان، عورتن جي شموليت کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جي عورتن جون صلاحيتون دنيا جي ڪنهن به عورت کان ??هٽ ناهن، مان عورت اسيمبلي ميمبرن کي تمام وڏي ذميداريءَ سان ??م ڪندي ڏٺو آهي، مرد عورتن کي معاشري ۾ اڳتي اچڻ ۾ رهنمائي ڪن. اسيمبلي ۾ صنفي امتياز کانسواءِ سڀ ميمبر برابر هوندا آهن صرف ۽ صرف معزز اسيمبلي ميمبر هوندا آهن. را??ا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته جڏهن توهان پارليامينٽ ۾ آهيو ته اتي توهان ??ي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. عورتون فو??ي طور تي سڌيءَ ر??ت چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهن ته گهٻرائڻو ناهي، پنهنجي لاڳاپيل سياسي پارٽيءَ سان پنهنجي وابستگي جاري رکي وڃي، جڏهن سياسي پارٽيون عورتن جي نمائندگيءَ تي سٺو سوچينديون آهن ته باقي پارٽيون به سوچينديون. بلوچستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀ هڪ آهيون. ??ان??رنس ۾ عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ هاڪاري تجويزون پيش ڪيون ويون. ان تي عملدرآمد سان سٺا نتيجا ملندا. ان موقعي تي پارلياماني وومن ڪاڪس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شاهده رحماني سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. هن ڪامياب ??ان??رنس منعقد ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اسپيڪر را??ا پرويز اشرف ۽ وومن ڪاڪس جي ڪردار کي ساراهيو.