لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ ??يم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ??يم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف آءِ ??يم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي صبح سوير ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم ۽ آءِ ??يم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آءِ ??يم ايف پروگرام جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ??يم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پيرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي ڏس ۾ ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي آءِ ??يم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ??يم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ??يم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ??يم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري چاهيون ٿا. هن وزيراعظم شهبا?? شريف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.