پيرس – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ برازيل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي ات??اق ڪيو آهي. اهو ات??اق راءِ وزيراعظم شهباز شريف سان برازيل جي صدر لوئيز اناسيو ل??ولا ڊي سلوا جي ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دفاع سميت ٻين معاملن ۾ برازيل جي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمن تي برازيل ۽ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برازيل جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ تي ات??اق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي ات??اق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. برازيل جي صدر وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.