اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس قاضي فا??ز عيسيٰ جي چيف جسٽس آف پاڪستان طور مقرري ڪري ڇڏي آهي. مقرري 17 سيپٽمبر 2023ع کان جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ کان لاڳو ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال آئ??ن جي آرٽيڪل 179 تحت 16 سيپٽمبر 2023ع تي رٽائرمينٽ جي عمر حاص?? ڪري وٺندو. صدر چيف جسٽس جي مقرري آئ??ن جي آرٽيڪل 175 اي ٽي تحت ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس قاضي فا??ز عيسيٰ کان 17 سيپٽمبر 2023ع تي عهدي جو حلف وٺندو.