اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ مان اُٿندڙ انتهائي شديد سامونڊي طوفان بپر جوائي سامونڊي علائقي پهچي ويو. طوفان جو ڪيٽي بندر کان مفاصلو گهٽ ٿي 150 ??لوميٽر رهجي ويو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري ??يل تفصيلن مطابق بپر جوائي ڪراچيءَ مان 230 جڏهن ته ٺٽي مان 235 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. طوفان جي سطح تي هوائن جي رفتار 120 کان 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 150 ??لوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائو?? هلي رهيون آهن. ڪراچيءَ سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي ويجهن سامونڊي علائقن ۾ تيز طوفان ۽ شديد برساتن جي صورت ۾ اثر پئجي سگهن ٿا. طوفان جو رُخ اُتر او??ر طرف رهندو ۽ اڄ شام جو ان جي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي ۾ ٽڪرائڻ جا امڪان آهن.