اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جي هڪ جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ مالي سال 24 – 2023ع ۾ 150 ملين رپين جي رقم رکي و??ي آهي. پي ايس ڊي پي دستاويز موجب نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جي انتظام هيٺ اسلام آباد ۾ ماڊل ايڊڪشن ٽريٽمينٽ ۽ ري هيبليٽيشن سي??ٽر جي تعمير جي جاري منصوبي جي لاءِ مالي بجيٽ ۾ 124.058 ملين رپيا جڏهن ته وفاقي گادي ??اري شهر اسلام آباد ۾ منشيات جي عادي عورتن ۽ ٻارن جي ري هيب اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ سي??ٽر جي تعمير لاءِ لينڊ ايڪوزيشن جي نئين منصوبي جي لاءِ مالي سال 24 – 2023ع ۾ 25.942 ملين رپين جي رقم رکي و??ي آهي.