اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ شه??دت ماڻيندر پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعم دردوني ضلعي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي ش??يد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن حوالدار سليم خان، نائيڪ جاويد اقبال، سپاهي نذير خان، سپاهي حضرت بلال، سپاهي سيد رجب حسين ۽ سپاهي بسم الله جان کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن ??ي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي رستي ۾ شيهي ??ي ديوار آهي، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.