اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسڪيمن جي لاءِ فنڊز جي منظوري اي سي سي ۽ ٻين فورمن کان جلد ڪرائي وڃي، حڪومت انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي ??رجيحي بنيادن تي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي قومي اسيمبلي ??يمبرن جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مذهبي معاملن وارو ??فا??ي وزير مفتي عبدالشڪور، سمنڊ پار پاڪستانين وارو ??فا??ي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ??يمبر مولانا جمال الدين، علي ??زير، محسن داوڙ کانسواءِ ??فا??ي وزير اسحاق ڊار ۽ سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت سڄي ملڪ جي معاشي طور تي ڪمزور علائقن جي ??رقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت آگ??هه ڪيو.