اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين ??ي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين ??ي ن?? هوندي. اهڙي طر?? زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين ??ي پڻ سزائن ۾ گهٽتائي لاڳو نه ٿيندي. وڌيڪ اهو ته سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين ??ي به لاڳو ن?? هوندي. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪيون آهن، انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين ??ي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.