اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف پنجاب صوبي جي چونڊن لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کان پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آه??. شهباز شريف پارٽي صدر جي طور تي اهي هدايتون جاري ڪيون. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اميدوارن جي فهرستن کي حتمي ??ڪل ڏيڻ جي پارلياماني بورڊ کي به هدايت ڪئي آه??. اميدوارن کي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب صوبي ۾ نامزدگي ڪاغذن جي لاءِ 14 مارچ جي آخري تاريخ جو اعلان ٿيڻ جي ڏس ۾ پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائين. محمد شهباز شريف اميدوارن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ جو نالو وٺي چونڊ ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪريو. مسلم ليگ (ن) پاڪستان ۽ عوام جي خدمت جو نالو آه??. هن چيو ته قائد محمد نواز شريف جي رهنمائي ۾ اسان سدائين ملڪ کي بحرانن مان ??ڍيو آه??، هاڻي به سرخرو ٿينداسين. مهانگائي ۾ گهٽتائي، دهشتگردي جو خاتمو، عوام جي لاءِ بهترين سفري سهولتون قائد نواز شريف ۽ ان جي پارٽي جي سڃاڻپ آه??. محمد شهباز شريف چيو ته جهڙي طرح بجلي جي اونداهين کي ختم ڪيو، پاڪستان ??ي معاشي قوت بڻايو، هڪ ڀيرو ٻيهر اهي منزل حاصل ڪنداسين. هن چيو ته ??وج??انن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا ڏنا، ليپ ٽاپ، وظيفا ڏنا، اهو سفر اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته ملڪ کي معاشي تباهي، مهانگائي ۽ مسئلن جي عذاب ۾ مبتلا ڪندڙن کي عوام ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر چونڊ مهم هلائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري جي هدايت ڪري ڇڏي آه??. چونڊ اميدوارن کي درخواستون جمع ڪرائڻ جي لاءِ 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ رابطو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آه??.