اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري جي وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.