اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاو?? تنظيم (اي سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقند پهچي ويو. پرڏ??هي وزير (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جي ٿيم ??را??طي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏ??هي آفيس موجب پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين نمائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪائونسل آف منسٽرز اقتصادي تعاو?? تنظيم جو پاليسي ساز فورم آهي جيڪو تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اقتصادي تعاو?? تنظيم جو 25 هون وزارتي ڪائونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو. پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اقتصادي تعاو?? تنظيم (اي سي او) جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ موثر علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.