اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ال??هي??ن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ال??هي??ن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ??نه?? ۾ هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي باني صدر، شيخ زيد بن سلطان ال??هي??ن جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو بنياد رکڻ ۾ ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪيو. شيخ زيد بن سلطان ال??هي??ن پاڪستان جو باقاعده دورو ڪندو هو ۽ پاڪستان ۾ سماجي شعبي ۾ مختلف فلاحي منصوبن جي مالي معاونت پڻ ڪندو هو، شيخ زيد اسپتال پاڪستان جي لاءِ ان جي خدمتن جو بهترين مٿال آهي، ان جو ان جي فلاحي ڪمن جي لاءِ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي ۽ امدادي شين جي صورت ۾ امداد تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. گڏيل عرب امارات جي صدر وزيراعظم پاران مبارڪباد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ??نه?? کي شيخ محمد بن زيد ال??هي??ن قبول ڪري ورتو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن ج??ڪي گڏيل عقيدي، گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو ??ڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.