آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ خصوصي اقتصاد?? زونز قازقستان جي ??يڙ??ڪارن جي لاءِ کليل آهن، قازقستان پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن قازقستان ۾ سيڪا سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، گڏيل رابطن ۽ توانائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جو ??ائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو ??ڪر ڪيو جنهن ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي رفتار جو ??عين ڪيو ويو هو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي سگهارو بڻائڻ ۽ ??يڙ??ڪاري ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي، زراعت، ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس، مواصلات ۽ تعميرات جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. هن ڪاروباري رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ سياحت کي وڌا??ڻ جي لاءِ سڌوسنئون فضائي رابطي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا خصوصي اقتصاد?? زونز قازقستان جي ??يڙ??ڪارن جي لاءِ کليل آهن. هن قازقستان کي پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم ايشيا ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا) سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قازقستان ڇهين سيڪا سربراهي اجلاس جو چيئر ۽ ميزبان آهي.