اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ا??دا??ي سامان جي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 115 اڏامون ا??دا??ي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان ايندڙ 13 اڏام??ن، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، عالمي خوراڪ واري اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 5 ۽ سعودي عرب جون 2 اڏامون ا??دا??ي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ا??دا??ي اڏامن کانسواءِ ترڪيه جون 2 ٽرڪون ۽ ريل گاڏي??ن، تاجڪستان مان 87 ٽرڪون ۽ عمان مان پاڻي جي هڪ جهاز ذريعي به ا??دا??ي سامان پاڪستان پهچي چڪو آهي.