اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ تصويري نمائش منعقد ڪئي آهي جنهن ۾ موسميا??ي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي ڏيکاريو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها نمائش هلندڙ هفتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس دوران جاري رهندي. هن چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان تصويرون گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾ اڄ لڳايون پيون وڃن.