اسلام آباد – 08 –; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان ??لاقات ۾ ٻن نقطن تي ڳالهه ڪئي. هڪ اهو ته تمام وڏي پئماني تي ٻوڏ جي چئلينج ۾ اسان کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ان عزم جو اظهار ڪيو ته سموري ??لڪي ۽ عالمي ??مداد ۽ معاونت جي آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي ??ڊٽ فرمز ??ان آڊٽ ڪرائي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان ??ڪ پرجوش ملاقات هينئر ختم ٿي آهي جنهن ۾ انهن کي ٻوڏ جي ڪاٿي، ان جي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٿي. هن چيو ته منهنجي انهن سان ڳالهه ٻولهه جو محور ٻن بنيادي نقطن تي هو، هڪ اهو ته ان ??وڏ جي ڪاٿي کي ڏسي اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي وقت آهي ته سياست کي هڪ طرف ڪري ??وڏ متاثرين جي مدد اسان جي ترجيحن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو ٻيو نقطو اهو هو ته منهنجو عزم آهي ته مقامي ۽ عالمي ??طح تي ملندڙ امداد ۽ معاونت جي آڊٽ آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي ??ڊٽ فرمز ??ان ڪرائي ويندي.