اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا ص??با سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آ??ن، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻيون، حڪومتي وقت سر قدمن سان جاني نقصانن جي شدت تي ضابطو آندو ويو آهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن فلڊ رليف سينٽر اين ڊي ايم اي ۾ ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير ۽ فيڊرل رليف ڪميٽي جي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ موسمياتي تبديلي واري وف??قي وزير شيري رحمان به موجود هئي. وف??قي وزير ترڪيه وف?? کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال 500 سيڪڙو اضافي برساتون ٿيون، موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري گهٽ برساتن وارن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون ۽ ملڪ کي ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهي ته هنن مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. ٻوڏ واري صورتحال کان ترڪيه وف?? کي آگاهه ڪندي احسن اقبال چيو ته هن وقت پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت متاثرن جي آبادڪاري ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي آهي، ان موقعي تي ترڪي طرفان آبادڪاري ۽ غذائي جنسون فراهم ڪرڻ ج?? آڇ ڪئي وئي.