اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان ??تاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي هڪ اڏام پاڪستان ??هچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته قطر کان امدادي سامان کڻي هڪ اڏام جمعي ڏينهن پاڪستان ??هچي وئي آهي. قطر کان انساني امداد جي پهرين اڏام جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ت?? استقبال سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد سجاد جوکيو ۽ قطر جي قونصل جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان ??وڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا.