اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته پاڪستان سالگرهه مبارڪ، رڳو 75 سالا تاريخ ۾ تمام وڏي فخر جي قابل، تمام وڌي خوشي جي قابل، توهان جو عظيم ثقافتي ورثو، بي مثال ۽ خوش ذائقه خوراڪ ۽ قدرتي منظرن سان ڀرپور خطو فخر جوڳو آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪميشن پاران جاري پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هاءِ ڪمشنر چي?? ته منهنجي لاءِ هتان جو سڀ کان قيمتي اثاثو پيار ۽ محبت ڪندڙ عوام آهي جيڪا سدائين مسڪرائيندي السلام عليڪم چوي ٿي. هن چي?? ته آسٽريليا انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جن 1947ع ۾ پاڪستان کي تسليم ڪيو، اسان جي عوامي رابطن جي تاريخ 18 هين صدي ??ائ??ن پکڙيل آهي جڏهن بلوچستان مان اٺن جا واپاري اسان جي ملڪ ۾ صحرائن تان سامان جي پهچ لاءِ انت??ائ?? اهم هئا. هن چي?? ته هن وقت اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني آسٽريليا کي پنهنجو ملڪ چون ٿا ۽ اهي اسان جي بين الثقافتي معاشرن ۾ انت??ائ?? اهم ڪردا?? ادا ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته اسان کي فخر آهي ته اسان هزارين پاڪستاني شاگردن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون جيڪي اسان جي عظيم شهرن ۽ عالمي معيار جي يونيورسٽين مان فائدو کڻي رهيا آهن. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چي?? ته آئون توهان سڀني کي همت، اميد ۽ اعتماد جو پيغام ڏيان ٿو، اچو گڏجي هڪ منظم طريقي سان پنهنجي وسيلن مان فائدو کڻي مسئلن کي دفن ڪري سگهون ته جيئن اسان جو شمار دنيا جي عظيم قومن ۾ ڪيو وڃي.