اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي وفد تڪاجي جي باني تڪاجي سوجي جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪ??رن جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي عملد??رن کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪاري کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي خ??ش آئنده قرار ڏنو ۽ سيڙپڪ??رن کي پاڪستان حڪومت پاران هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي.