اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم، قيادت ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته تڪبير جو ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نٿو بڻائي سگهي، يوم تڪبير اعلان هو ته پاڪستان آزاد ٿيو، آزاد آهي ۽ آزاد رهندو. تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽو کان نواز شريف تائين سڀني اڳواڻن کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ايٽمي پرو??را?? جو بنياد رکيو جڏهن ته نواز شريف ان جي پڄاڻي ڪئي، نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي خريد نٿو ڪري سگهجي نه ئي جهڪائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جوهري پرو??را?? جو تسلسل پاڪستان جي پنهنجي دفاع لاءِ ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جو تاريخي ثبوت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جوهري پرو??را?? کي ٺاهڻ، پروان چاڙهن ۽ ان جو عمل مظاهرو ڪر?? وارو هر ماڻهو قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تڪبير جي ڏهاڙي تي 10 ڏينهن تقريبن جو ا??لان ڪيو آهي، اتحاد جي جذبي سان اها خوشي ملهائينداسين، اطلاعات واري وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه ن?? ٿيندو، هن چيو ته تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو ميثاق معيشت جو ا??لان پاڪستان کي حقيقي معاشي آزادي ڏيارڻ طرف تاريخي قدم آهي، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ايٽمي پرو??را?? جي معمار ڊاڪٽر عبدالقدير خان مرحوم ۽ ان جي ٽيم ۽ سڀني سياستدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا.