اسلام آباد – 09 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پ??رو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ م??ن جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيص??و ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پ??رو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسمگلنگ ج?? خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي پ??هنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميدار هوندو.