اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيل مستحق ماڻهن جي شمولي?? يقيني بڻائي وڃي، ان لاءِ طريقيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي و??ري وفاقي و??ير شازيه عطا مري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي وزارت جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي و??يراعظم جي بلوچستان جي دوري دوران مستحق ماڻهن جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شموليت ۽ شاگردن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ وظيفا ۽ والدين کي امداد جي اعلان تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان گذريل حڪومت پاران بنا ڪنهن تحقيق جي ڪڍيل 8 لک 20 هزار ماڻهن ??اءِ اپيل جي مجوزه طريقيڪار تي به بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍيل ماڻهن جي ٻيهر شموليت لاءِ اپيل جو طريقيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي، هن ??دايت ڪئي ته اهڙا مستحق ماڻهو جيڪي بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيا ويا، انهن جي شمولي?? يقيني بڻائي وڃي.