اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقستان ??ي نائب وزيراعظم مختار تلبردي چيو آهي ته مسلمان ??مت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضروري آهي. قازقستان ۽ ايشيا گروپ جي نمائندي طور اسلامي تعاون تنظيم جي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪن??ي قازقستان ??ي نائب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پ??ڪستان کي بهترين ميزباني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عالمي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان ??المي معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي. هن چيو ته قازقستان ڪشمير مسئلي جو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو حل چاهي ٿو، ان ??ان گڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پڻ منصفاڻو حل چاهي ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقستان ??ون ترجيحون آهن. ملڪن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌي رهيو آهي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي نفرت جو سبب بڻجي رهي آهي. افغانستان ??ي صورتحال تي اسان کي ڳڻتي آهي. افغانستان کي انساني بنيادن تي فوري امداد جي ضرورت آهي.